سومرو عبدالغفور

سومرو عبدالغفور

عبدالغفور سومرو

عبدالغفور سومرو : نامياري راڳي عبدالغفور سومري جو جنم 22 فيبروري 1964ع تي ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. سندس نصابي تعليم انٽر تائين آهي. هن صوفياڻي راڳ سان پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي، هن صوفي راڳ جي بنيادي سکيا ڪمال فقير کان ورتي، جنهن کانپوءِ کيس ڪلاسيڪل راڳ سکڻ جو شوق ٿيو، هن ڪوشش ڪئي ته هو استاد گلزار علي خان جو شاگرد ٿئي، پر استاد گلزار علي خان جي مصروفيتن سبب هن کي ترت ڪاميابي نه ٿي، ان ڪري عبدالغفور سومرو جيڪب آباد وڃي استاد ارباب علي خان کوسي جو شاگرد ٿيو، جتي هو ڪلاسيڪل راڳ جا ابتدائي سبق سکي ئي رهيو هو ته هڪ ڏينهن استاد گلزار علي خان جو کيس خط مليو، ته هو وٽس اچي سکي سگهي ٿو ۽ هو بنا ڪنهن دير جي اچي استاد گلزار علي خان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ کانئس موسيقيءَ جي تربيت حاصل ڪندو رهيو. عبدالغفور سومري عوامي محفلن ۾ ڳائڻ سان پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي، ابتدا ۾ پنهنجي همعصر ۽ هم مڪتب سنڌ جي عوامي فنڪار غلام شبير سمي سان گڏ ڳائيندو هو. عبدالغفور سومري 1982ع ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور تي آڊيشن ڏني، جتي پروڊيوسر الله بخش شاهه بخاريءَ کيس ڪامياب قرار ڏنو، جنهن بعد ريڊيو پاڪستان خيرپور تي سندس آواز م سڀ کان پهرين سچل سرمست جي سرائيڪي ڪافي ’محبوبان ني ميندي لائي اي‘ ريڪارڊ ۽ نشر ٿي. عبدالغفور سومري ’آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن‘ نالي هڪ فلاحي تنظيم جو به بنياد وڌو آهي، جيڪا تنظيم سنڌي فنڪارن جي فلاح ۽ بهبودي لاءَ جاکوڙيندي رهندي آهي. عبدالغفور سومرو هن وقت خيرپور ۾ شاهه عبداللطيف يونيورستيءَ جي ماڊل اسڪول ۾ ميوزڪ ٽيچر طور ذميواريون نڀائي رهيو آهي، جڏهن ته هڪ خانگي ٽي. وي چئنل تي موسيقار طور به پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. 22 سيپٽمبر 1992ع تي استاد گلزار علي خان جي وفات کانپوءِ استاد جي سمورن شاگردن استاديءَ جي پڳ عبدالغفور سومري کي ٻڌرائي.


لفظ عبدالغفور سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو